ديوان مير 2

ديوان مير 2

ديوان مير 2

ديوان مير 2: ’ديوان مير‘ مير فتح علي خان ٽالپر جي پٽ مير صوبدار خان ٽالپر تخلص ’مير‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. مير صوبدار خان ٽالپر جا ٻه مڪمل ديوان مياڻي ۽ دٻي جي جنگ کانپوءِ انگريزن جي ڦرلٽ ۾ حيدرآباد جي قلعي مان گم ٿي ويا، اهي ٻه ديوان گم ٿي وڃڻ کان پوءِ مير صوبدار خان ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري حالت ۾ هڪ مڪمل ديوان تيار ڪيو، جنهن ۾ غزل، الف- ب جي ترتيب سان رديفن موجب آهن. هن ديوان ۾ 965 فارسي غزل آهن، جن مان ساڍا چار سؤ غزل الف جي رديف وارا آهن. ديوان ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي سونهن ۽ سنسار جي صداقتن جي اپٽار، حڪومت جو احوال، نظربنديءَ واري وقت جو احوال، ملڪ ڦرجڻ، پنهنجن جي مارجڻ ۽ وطن کان پري پيش آيل ڏکن ۽ دردن جو ذڪر آهي. ڪيترائي غزل سبق آموز آهن. ان کانسواءِ فارسي جي نامور شاعرن حافظ شيرازي، سعدي شيرازي، عراتي، طالب آملي، سنجر ڪاشاني، شوڪت بخاري، شاهي سبزواري، خالق شهيد، محتشم ڪاشاني، قانع ٺٽوي ۽ ٻين شاعرن جي غزلن جي تتبع تي چيل غزل پڻ ’ديوان مير‘ ۾ موجود آهن. هن ديوان جو قلمي نسخو مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي ۽ اڃا تائين شايع ناهي ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو